عبدالسميع دهلوي

عبدالسميع دهلوي: هند ۽ سنڌ جو پهريون ڪارٽونسٽ ۽ مصور، عبدالسميع دهلوي، 21 نومبر 1900ع ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. هن 1923ع ۾ جي. جي. اسڪول آف آرٽس بمبئي مان مصوريءَ ۾ ڊپلوما ڪئي، جنهن بعد مولانا محمد علي جوهر پاران نڪرندڙ اخبارن ‘ڪامريڊ’ ۽ ‘همدرد’ ۾ بطور ڪارٽونسٽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ بيشمار اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪارٽون ۽ ڪيري ڪيچرز ۽ لاتعداد ڪتابن جا سرورق ڊزائن ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتي روزاني جنگ، ڊان ۽ امروز لاءِ ڪارٽون ٺاهيندو هو. هن چانور جي داڻي تي پاڪستان جي جهنڊي جي تصوير ٺاهي ۽ قائداعظم جو نالو لکي کيس ڏنو هو. هن 3 آڪٽوبر 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.11.21  عيسوي

عبدالسميع دهلوي، 21 نومبر 1900ع ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.


1967.10.03  عيسوي

عبدالسميع دهلوي 3 آڪٽوبر 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر جوڳي
سيد محبوب علي شاهه 2
عبدالقادر وارثي
رضوان عمراڻي
دهلوي عبدالحميد
زبيده آغا
پنجو مل رگهواڻي
چغتائي عبدالرحمان
دارا عالم ابڙو
رافيل
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون